عالي ميمڻ حافظ

عالي ميمڻ، حافظ: ڪلهوڙا دؤر جو هيءُ شاعر ٽکڙ جو رهاڪو هو ۽ مؤمن اسلام ڪوٽي جو شاگرد هو. سندس والد ننڍي هوندي ئي وفات ڪري ويو. سندس پالنا ماءُ ڪئي ۽ پڙهايو. هيءُ عربي ۽ فارسي جو تمام گهڻو ڄاڻو هو. قرآن شريف جو حافظ هو. دستاربند ٿيڻ بعد هن ٽکڙ شهر ۾ مدرسو کوليو. جتي درس تدريس ڏيندو هو. هن سڄي عمر شادي نه ڪئي. هن جو ڪلام علم عروض مطابق سنڌي ۽ فارسيءَ ۾ ملي ٿو. هن غزل ۽ مولود چيا. عالي فقير 1192هه/ 1778ع ۾ ٽکڙ ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو